هڪ ڏيک

هڪ ڏيک

بُلڙي شاهه ڪريم شھر

بُلڙي شاهه ڪريم (شھر): ٽنڊي محمد خان ضلعي جو اهم شھر ۽ تعلقو، جنھن ۾ مشھور درويش ۽ شاعر شاهه عبدالڪريم بلڙيءَ واري جو مقبرو آهي. هن ڳوٺ جو اصل نالو ”سيد پور“ هو، جيڪو بھرام پور پرڳڻي ۾، ’شرف پوٽن‘ سيدن جي رهائش ڪري ”سيد پور“ سڏبو هو. هيءُ شھر ٽنڊي محمد خان- سجاول روڊ تي ٽنڊي محمد خان شھر کان 15 ڪلو ميٽرن جي مفاصلي تي ڏکڻ ۾ واقع آهي. شھر جي آبادي هڪ چورس ميل ۾ پکڙيل آهي. جڏهن ته تعلقو 5 يونين ڪائونسلز ۽ 76 ديھن تي مشتمل آهي. 2017ع جي آدمشماري مطابق تعلقي جي آبادي 236913 (ٻه لک، ڇٽيهه هزار، نوَ سؤ تيرنھن) آهي. پکيڙ ۾ ضلعي جو سڀ کان وڏو تعلقو آهي. مرڪزي شھر هئڻ سبب آسپاس جي ڪيترن ئي شھرن ۽ ڳوٺن کي ڳنڍيندڙ آهي، جھڙوڪ: جهوڪ شريف، ميرپور بٺورو، سجاول ۽ اُتان ٺٽو ۽ ڪراچي. ڏکڻ طرف کورواهه ۽ گولاڙچيءَ سان روڊ ذريعي ڳنڍيل آهي. شھر کي 1974ع ۾ ٽائون ڪميٽيءَ جو درجو ڏنو ويو. هتي تعلقه اسپتال، جانورن جي اسپتال، زرعي آفيس، انسپيڪشن بنگلو، پريس ڪلب، ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين لاءِ جدا جدا اسڪول، ڊگري ڪاليج ۽ رائيس ملون موجود آهن. ڪمند، ڪڻڪ، ساريون، سرنھن، مٽر، چڻا، ڄانڀو، ٽماٽا، ونگا، گدرا ۽ جَوَ، هتي جي مکيه پيداوار آهن. هتي جي آبھوا گهميل رهي ٿي. بلڙيءَ ۾، شاهه عبدالڪريم جي درگاهه کان سواءِ شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي ڏاڏي سيد عبدالقدوس شاهه جو مقبرو به آهي. ان کان سواءِ درويش سيد ابراهيم، جيڪو ”پرڏيھي پير“ جي نالي سان مشھور آهي، ان جو مقبرو به بلڙيءَ جي ڀرسان آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو